واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي گهرجي ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي، ڇو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نيوڪليئر فليش پوائنٽ آهي.آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي رضوان سعيد شيخ چيو ته پيچيدا صورتحال ۾ سفارتڪاري پهرين دفاعي لائين آهي، پاڪستان جو موقف دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيا آهن ، جيڪڏهن ڀارت حملي جو قدم کنيو ته ٻن ايٽمي هٿيارن سان ليس ملڪن جي وچ ۾ ويڙهه خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿي، تنهنڪري صدر ٽرمپ کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي، ڇو ته هي معاملو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نيوڪليئر فليش پوائنٽ آهي.هن چيو ته ڀارتي حڪومت ۽ ميڊيا هن وقت جنگي جنون ۾ مبتلا ۾ آهن، پهلگام حملي کانپوءِ پاڪ-ڀارت سرحدن تي فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، پاڪستان ڀارت کي اڻ ڌري ۽ شفاف جاچ جي آڇ ڪئي آهي، ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجون انتظامي ڪوتاهيون ختم ڪرڻ بدران سرحدن کان ٻاهر ڌيان ڏئي رهيو آهي. پاڪ سفير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند ڪري ٿو ته ان کي جنگي عمل تصور ڪيو ويندو، اسان علائقي ۾ عدم استحڪام برداشت نٿا ڪري سگهون، اسان پرامن پاڙيسري چاهيون ٿا، ۽ اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.