ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائي ڪشميرين سان ٻڌي طور ريليون ڪڍيون ويون، حيدرآباد ۾ انتظاميا پاران ڊويزنل ڪمشنر خالد حيدر شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي، سکر ۾ ڪمشنر سميع الدين صديقي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته ان کانسواءِ لاڙڪاڻو، نئون ديرو، ميروخان، قمبر، باقراڻي، تنگواڻي، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، کيبر ، ٽنڊو محمد خان، دادو، ڄامشورو، نيوسعيدآباد، ميھڙ، ٿاڻو بولا خان، ميرپورخاص، مٺي، ڪنري، پٿورو، ڍورونارو، گھارو، بڊاڻي، جاتي، بدين ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪيڍون ويون، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 27 آڪٽوبر ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪاري باب جي حيثيت رکي ٿو، هنن چيو ته دنيا کي مقبوضه ڪشمير ۾ جاري ظلم ۽ جبر نظر ڇو نه پيو اچي، دنيا جي ڪا به طاقت ڪشميري عوام کي آزادي واري جدوجهد کان روڪي نٿي سگهي، هنن چيو ته پاڪستانين جي دل ڪشيمري عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي، آزادي جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام هميشه ڪشميري عوام سان گڏ رهيو آهي ۽ گڏ رهندو.