ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور ٽائون ڪاميٽي پاران ڳوٺ محمد خان ڄامڙو، علي آباد ھائوسنگ سوسائٽي ۽ ٻين علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ  خلاف رھواسين ايس ٽي پي ڪارڪنن رفيق احمد چنا، استاد محمد صالح سومرو ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، هنن  دانھيندي چيو ته ڪجهه مهينن کان سوئي گيس ، علي آباد ھائوسنگ سوسائٽي ڳوٺ محمد خان ڄامڙو سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي سان گڏوگڏ پائپن ۾ نالين جو گندو پاڻي اچي رهيو آهي ايس ٽي پي ڪشمور جي ڪارڪنن وڏي وزير مراد علي شاهه، سميت ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ٽائون انتظاميا خلاف نوٽيس وٺي جاچ ڪري پيئڻ جو پاڻي بحران ختم ڪرايو وڃي .