ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ صحافي دليپ ڪمار ڪيسواڻي جي چاچي گلاب راءِ ڪيسواڻي کي ڦر دوران مزاحمت تي ڄنگهه ۾ گولي ھڻي زخمي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو،ايس ايچ او ڪشمور پاران جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري تي روڊ کوليو ويو، پرويز سولنگي، اصغر علي چاچڙ علي مراد چاچڙ حاڪم علي ڀٽي راڻا غفار علي ايس ايس پي ڪشمور کان جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.