ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور ٿاڻي جي حد نائچ ڳوٺ ڀرسان ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين جي اطلاع ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ پوليس ٽيم مٿان نائچ ڳوٺ ڀرسان لڪل جوابدارن حملو ڪري ڏنو، جوابدارن جي فائرنگ ۾ ايس ايچ او ضياد علي نوناري، اھلڪار ارشاد مرھٽو، اسد سولنگي،خان محمد جکراڻي، عبدالوھاب جکراڻي سميت 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا، زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف ڊي آءِ جي عبدالله چاچڙ ايس ايس پي سکر اظهر مغل،ڊپٽي ڪمشنر ايم بي ڌاريجو، ضلعي ڪائونسل چيئرمين ڪشمور گل محمد خان جکراڻي اسپتال پهچي زخمين کي عيادت ڪئي. ان حوالي سان ايس ايچ او ضياد علي نوناري جو چوڻ هو ته ڏوهارين جي اطلاع تي پهتاسين ته جوابدارن حملو ڪري ڏنو، حوصلا بلند آهن.