ڪشمور ۾ مغوي معصوم نينگر تي ڌاڙيلن جو تشدد: وڊيو وائرل

0
28
ڪشمور ۾ مغوي معصوم نينگر تي ڌاڙيلن جو تشدد: وڊيو وائرل
ڪشمور ۾ مغوي معصوم نينگر تي ڌاڙيلن جو تشدد: وڊيو وائرل

ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور واسي نينگر صحبت نائچ ۽ احد ڇڄڻ بازياب نه ٿيا، ڌاڙيلن نينگر صحبت نائچ جي تشدد واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، ڳوٺ دين محمد نائچ مان ھڪ مھينو اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويل نينگر صحبت نائچ جي ڌاڙيلن پاران تشدد واري ويڊيو وائرل ڪئي وئي آهي، ويڊيو ۾ نينگر صحبت نائچ پنهنجي والد کي اپيل ڪري رهيو آهي ته ڌاڙيلن جا مطالبا پورا ڪيا وڃن، ڌاڙيل ھتي مونکي روزانو تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نينگر صحبت نائچ تي ڌاڙيل لڪڙ سان تشدد ڪندي ڪلاشنڪوف رکي داٻا ڏئي رهيا آهن، ٻئي پاسي مغوي صحبت نائچ سميت ڪشمور ٿاڻي جي حد ذوالفقار شاهه پاڙي مان اغوا ٿيل نينگر احد ڇڄڻ به ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل آهي، هوڏانهن ايس ايس پي ڪشمور موجب گيھلپور حاجي خان شر ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ مسلسل سرچ آپريشن ھلندڙ آهي، جلد مغوي بازياب ڪرايو ويندو.