ڪشمور (رپورٽ: ايم شريف ڄامڙو)ڪشمور ويجهو ديراموڙ ۾ هڪ ڏينهن اڳ ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويل جي ڪي رائيس مل مالڪ راجيش ڪيسواڻي جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، سياسي سماجي اڳواڻن ڪاروباري مرڪز بند ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين پاران ھندو برادري سان ٻڌي جو اظهار ڪندي ريلي ۾ شرڪت ڪئي ايس ايس پي ڪشمور بشير بروهي جي روڊ تان گذرڻ دوران ھندو برادري جي نوجوانن پاران احتجاج ڪندي ايس ايس پي جي قافلي جي رستا روڪ ڪندي گاڏي جو گھيراءُ ڪندي پروٽوڪول کي روڪي سخت نعريبازي ڪئي بشير بروهي جي راجيش ڪيسواڻي کي جلد بازياب ڪرائڻ جي خاطري کانپوءِ رستو ڏنو ويو، اڳواڻن  جو چوڻ هو ته ڪشمور پوليس ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل ست ڄڻن راجيش ڪيسواڻي ،وڪرم ڪمار، احمد الدين سومرو جھانزيب سومرو آصف دشتي، غلام حسين دشتي محمد پناهه کوسو جي بازيابي لاءِ عملي طرح ڪي به اپاءَ ناھن ورتا، ضلعي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.