ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور ۾ بدامني جو راڄ برقرار، وڌيڪ ھڪ نينگر ڌاڙيلن ھٿان اغوا، انگ وڌي 2 ٿي ويو، ڪشمور جي ڳوٺ قاضي ڪلوڙ تي ھٿياربندن چڙهائي ڪري ھٿيارن جي زور تي نينگر وارث ڪلوڙ کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا مغوي نينگر جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، نينگر صحبت نائچ جي بازيابي بعد وري ٻي نينگر وارث ڪلوڙ اغوا ٿي ويو، ان کان اڳ معذور نينگر احد ڇڄڻ به ڌاڙيلن وٽ ٻه مھينن کان قيد بڻيل آهي، مغوي نينگر جي وارثن عورتون پاڪ ڪتاب کڻي روئيندي ڌاڙيلن کي اپيل ڪئي آهي ته مغوي نينگر کي آزاد ڪيو وڃي، هوڏانهن ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي جلد بازياب ڪرايو ويندو.