ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران علي کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سنڌ عقيل احمد عباسي پاران ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ سيشن جج زاهد حسين ميتلو جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ، ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي، رينجرز عملدار ۽ ڊسٽرڪٽ بار جو صدر محسن پٺاڻ شريڪ ٿيو، اجلاس ۾ وڌندڙ بدامني، مغوين جي انگ اکرن ۽ قتل واقعن بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر محسن پٺاڻ جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ بدترين بدامني آهي، شهر جا روڊ رستا ويراني جو ڏيک ڏين ٿا، شهرين ۾ خوف آهي، چوري، ڦر، ڌاڙن، قتل ۽ اغوا وارداتن ۾رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي. شهرين سان گڏوگڏ نه جج نه وڪيل محفوظ آهن، پوليس ڪٿي به نظر نه ٿي اچي، هٿ وٺي ضلعي کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو آهي، ماڻهو لڏي رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو لڏپلاڻ لاءِ سوچي رهيا آهن. هتي رينجرز هيڊڪواٽر موجود آهي، هزارين جي تعداد ۾ پوليس نفري آهي پوءِ به 15 کان 20 ڌاڙيل سڀني کان ڏاڍا آهن. ڇا اسان پاڻ هٿيار کڻي پنهنجي حفاظت ڪريون، پوليس وٽ امن بحال ڪرائڻ جو اختيار آهي، آخر امن جي بحالي ۾ ڪير رڪاوٽ بڻيل آهي، ڏوهاري ماڻهن جو رت پاڻي جيان وهائي پوليس کي چئلينج ڪن ٿا. سيشن جج زاهد حسين ميتلو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته امن و امان جي صورتحال ضلعي ۾ خراب آهي، امن بحال ڪرائڻ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي، سموري صورتحال بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڏيندس. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ جو چوڻ هو ته امن امان بحال ڪرائڻ لاءِ پوليس ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، ڏوهارين جي خاتمي لاءِ ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويندو، شهر ۾ سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳائي اضافي پوليس چوڪيون ۽ پڪٽون قائم ڪيو ويندو، هر صورت ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي ويندي. هوڏانهن ميراڻي برادري جي ماڻهن خالد ميراڻي ۽ صدرالدين ميراڻي جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو لڳايو ويو. سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻ غلام مصطفيٰ ميراڻي، جماعت اسلامي جي حافظ نصرالله چنا، ايس ٽي پي جي اڪرم باجڪاڻي، فدا مهمداڻي، بشير ميراڻي جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ امن  امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، پوليس جي ڪن تي جوءِ به نه چري پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ٺلها دلاسا ڏئي رهي آهي پر عملي ڪم زيرو آهي.  هنن مطالبو ڪيو ته خالد ميراڻي ۽ صدرالدين ميراڻي سميت سڀني مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.ٻئي طرف ايس ايس پي آفيس آڏو مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرڻو هڻي ويٺل اڳواڻن کي ڳالهين لاءِ گهرايو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري بدران داٻا ڏنا، سندس اهڙي رويي خلاف اڄ شٽربند هڙتال ڪنداسين. ٻئي طرف ضلعي ۾ بدامني وڌندڙ بدامني ۽ ڊي آءِ جي رويي تي ڊسٽرڪٽ بار پاران اڄ عدالتي ڪاررواين ۽ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو