ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور مزاري پاڙي واسي 15 ورھين جو ذڪاءَ الله ڪلھوڙو گھرو اڻبڻت تان ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. نوجوان گھر جي پکي سان ڦاھو کائي خودڪشي ڪئي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ويجهي  خانگي اسپتال پھچايو ويو جتي نينگر فوت ٿي ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي آپگهات ڪرڻ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪري رهيا آهيون وارث پيءُ معشوق ڪلھوڙو جو چوڻ آهي ته پٽ معمولي ڳالهه تان ڪاوڙ ۾ اچي اھڙو قدم کنيو آهي.