ڪشمور (رپورٽ: ايم شريف ڄامڙو) ڪشمور جي ڪلوڙ پاڙي ۾ڏيرن جي مبينا تشدد ۾ زخمين ٿيل 4 ٻارن جي ماءُ صغران ڪلوڙ زخمن جا سور نه سهندي رحيميار خان اسپتال ۾ فوت ٿي وئي،شعيب ڪلوڙ ۽ والده ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته صغران ڪلوڙ کي ڏيرن عالمگير ڪلوڙ، جھانگير ڪلوڙ تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان اسپتال کڻائي وياسين جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.عورت جو مڙهه رحيميار خان مان ڪشمور تعلقي سول اسپتال آندو ويو، جتي پوسٽ مارٽم جو سامان نه ھئڻ ڪري چار ڪلاڪ لاش مرده خاني ۾ پيل رهيو،  ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري نرس ۽ دائي گھرائي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، پوسٽ مارٽم جو سامان سول اسپتال ۾ نه ھجڻ ڪري ٻاهران گھرائڻ لاءِ وارثن کي پرچو ڏنو ويو،2 مھينن کان ايم ايس مقرر ناهي ٿي سگهيو، چارج 17 گريڊ جي آفيسر حوالي آهي،مقتولا جي ڀاءُ جي فرياد تي ٻن جوابدارن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو ،اي ڊي ايڇ او مھيندر راماڻي پھچي پوسٽ مارٽم ڪرايو،ٻئي پاسي فوتي عورت جي پوسٽ مارٽم ڪري جزا ورتا ويا جيڪا ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويندا،  ڪشمور ٿاڻي جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت تشدد قتل واقعي ۾ ٻن جوابدارن عالمگير ۽ جھانگير ڪلوڙ مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.