ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪارڪنن محمد علي کوسو، اظھار رضا کوسو، غفور لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس تائين ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن چيو ته ڪشمور ضلعي جي اسپتالن ۾ مليريا ۽ وڏي بخار جي ٽيسٽن سميت دوائون ۽ علاج جون سهولتون فراهم نه ٿيون ڪيون وڃن. اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن انتظاميا بنيادي سهولتن جي جائز مطالبن تي عملدرآمد نه ڪرايو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.