ڪنڌڪوٽ (رپورٽ عمران علي کوسو)ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي مختلف تڪن تي آر اوز وٽ اميدوارن جي اسڪروٽني مڪمل ٿي وئي.ڪشمور ڪنڌڪوٽ تڪ قومي اسيمبلي جي اين اي 191 تي آخري تاريخ تي هڪڙي اميدوار اقرار جکراڻي جي فارمن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي اين اي 191 تڪ تي قومي اسيمبلي تڪ تي فارم نامزدگي جمع ڪرائيندڙ اميدوار اقرار جکراڻي اشتهاري جوابدار نڪتو آر او پاران اقرار جکراڻي جي فارمن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي کين اشتهاري جوابدار اقرار جکراڻي جو فارم رد ڪندي آر او ٻڌايو ته اميدوار ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيل آهي ۽ پوليس وٽ اشتهاري جوابدار طور گهربل آهي ان سببن اميدوار اقرار جکراڻي جو فارم رد ڪيو ويو.آر او پاران ٻڌايو ته ويو ته اين اي 191 قومي اسيمبلي ڪشمور ڪنڌڪوٽ تڪ تي ٽوٽل 25 فارم نامزدگي جمع ٿيا جن مان هڪ رد 24 منظور ٿي ويا.جڏهن ته پي ايس 4 ڪشمور تڪ تي اسڪروٽني جي آخري تاريخ تي 10 فارم منظور ٿيا.آر او پاران ٻڌايو ويو ته پي ايس 4 ڪشمور تڪ تي ٽوٽل 26 نامزدگي فارم منظور ٿيا.جڏهن ته پي ايس 5 ڪنڌڪوٽ تڪ تي اسڪروٽني جي آخري تاريخ ۾ راشد خان سندراڻي جي اسڪروٽني رکيل هئي جنهن آر او وٽ درخوست موڪلي پنهنجي جمع ٿيل نامزدگي فارم مان هٿ کڻي ويو.پي ايس 5 ڪنڌڪوٽ تڪ تي ٽوٽل 19 فارم هئا جنهن مان 18 منظور ۽ هڪ اميدوار هٿ کڻي ويو.جڏهن ته پي ايس 6 تنگواڻي تڪ تي ٽوٽل 13 فارم منظور ٿي ويا.