ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪشمور ضلعي جا مغوي بازياب نه ٿيا، سنڌ-پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي ڌرڻو جاري، مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا، ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙن وٽ گهرو وزير پهچي ويو، 24 ڪلاڪ مهلت گهري ورتي خبر موجب ڪشمور ۾ ٽئين ڏينهن به ڪاروباري مرڪز بند رکي هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ- پنجاب، بلوچستان دنگ ڊيرا موڙ وٽ قومي شاهراهه تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري مکي نريش ڪمار جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو جاري رهيو، جنهن ڪري قومي شاهراهه بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، احتجاج ۾ سياسي سماجي تنظيمن ھندو پنچائت، ايس ٽي پي، سٽيزنس ويلفيئر ايڪشن ڪاميٽي، شھري اتحاد، شھري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ شھرين سميت مختلف برادرين مزاري، جکراڻي، چاچڙ، سومرا، ملڪ ۽کوسا برادري جي ھزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻ فتاح سميجو ۽ اياز لطيف پليجو ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پ پ سرڪار مهانگائي ۽ بيروزگاري بعد ڌاڙيلن کي به عوام پويان لڳائي ڇڏيو، هنن چيو ته پوليس ۾ ڪارين رڍن پنهنجي سھولتڪارن معرفت شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڪشمور ضلعي ۾ فوجي آپريشن ڪري ڪچي ۽ پڪي جي سڀني ڏوهارين کي عبرتناڪ بڻايو وڃي، ٻئي پاسي گذريل رات ھندو پنچائت اڳواڻن مکي نريش ڪمار ۽ سريش ڪمار سان ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ رابطو ڪري ٻن مغوين ساگر ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ جي بازيابي جي خاطري ڪرائيندي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، جنهن تي ھندو پنچائت مغوين جي بازيابي جو انتظار ڪندي رهي پر پوليس جو آسرو ڪوڙو نڪتو، مغوي نه موٽيا، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن پوليس کي مڪمل طور جواب ڏيندي سڀني مغوين ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، مکي جگديش ۽ نينگر جئديپ ڪمار جي بازيابي تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪنڌڪوٽ ۾ هندو پنچائت جي سڏ تي ٽئين ڏينهن به هڙتال ڪئي وئي، جنهن دوران گهنٽاگهر چوڪ، ڊي سي روڊ، صرافا بازار ۽ مين بازار سميت ننڊا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته هندو پنچائت جي سڏ تي مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين ڊاڪٽر ميهرچند، مکي سريش، حضور بخش مغل، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاهاڻي، اي ڪي اوڳاهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهنٽاگهر چوڪ تي 3 ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي، بڊاڻي ۽ بخشاپور ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ٽئين ڏينهن به هندو برادري طرفان شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته بڊاڻي ۾ پاٺشالا مندر کان ۽ بخشاپور ۾ گرونانڪ مندر کان هندو برادري، سياسي سماجي ۽ مذهبي جماعتن پاران مولچند، ششپالداس، دانش شاهه، لال سوني، بابو لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون، بعد ۾ بخشاپور ۽ بڊاڻي مان قافلا ڪشمور ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا، احتجاج ۾ شريڪ اڳواڻن چيو ته 3 ڏينهن کان هڙتال ۽ احتجاجن باوجود پوليس ڪو به ٻوٽو ٻاري نه سگهي آهي، هنن چيو ته پوليس ڀاڳي ڀائيوار ٿي ماڻهن کي اغوا ڪرائڻ بعد وارثن کان ڪروڙين روپيا ڀنگ وصول ڪري رهي آهي، ضلعي ۾ هي ڪُڌو ڪاروبار ڪافي عرصي کان جاري آهي، هنن چيو ته نگران حڪومت ڪرپٽ پوليس عملدارن خلاف سخت ڪارروايون ڪري جيئن ٻين لاءِ مثال بڻجي، هنن چيو ته هر صورت مغوي بازياب ڪرائينداسين چاهي مهينو احتجاج ڇو نه ڪرڻو پئي، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ آهي ته  ونگ ڪمانڊر جو حڪم آهي ته ڌرڻو ختم ڪريو نه ته گوليون هلائينداسين، سوشل ميڊيا تي  ايس ايس پي امجد شيخ جي اهڙي ڌمڪي بعد عوامي رد عمل ڪشمور کان وڌي ڪراچي پهچي ويو ڪشمور ڌرڻي جي حمايت ۾ ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مطاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا جڏهن ته ايس ايس پي رابطو ڪرڻ تي ڌمڪي واري ڳالهه جي تصديق نه ڪئي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن به ڌمڪي واري ڳالهه کان انڪار ڪيو  ڪراچي ۾ نامياري رقاصا شيما ڪرماڻي جي اڳواڻي ۾ ٽي تلوار تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج کي خطاب ڪندي شيما ڪرماڻي، درشن لال، انيتا پنجواڻي، الاھي بخش بڪڪ ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني جي پٺيان وڏي سازش آھي. ڪراچي مان اغوا ٿيندڙ شھري ڪچي تائين ڪيئن ٿا پھچن؟ ڌاڙيل ڀنگ لاءِ تشدد واريون وڊيوز جاري ڪن ٿا پر رياست ڪارروائي نٿي ڪري. پريا ڪماري، منير نائچ ۽ ٻيا اغوا ٿيل شھري بازياب ڪرائي ڪچي ۾ آپريشن ڪري سنڌ کي پرامن بڻايو وڃي. ھوڏانھن  رات دير سان مظاھرين سان ڳالهيون ڪرڻ لاء گھرو کاتي جو نگران وزير برگيڊيئر  حارث نواز ـ ڪراچي جو ميئر مرتضي وھاب ۽ اڳوڻو صوبائي وزير شبير بجاراڻي مظاھرين سان ڳالهيون ڪرڻ لاء پھتا ـ جتي گھرو وزير اڳواڻن کي مغوين جي بازيابي جي خاطري ڪرائي ـ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گھرو وزير چيو ته پاڪستان ۾ رھندڙ سمورا اقليتي قابل احترام آھن سنڌ ۾ ھندن کي مڪمل تحفظ فراھم ڪيو ويندو ـ چار مغوي بازياب ٿي ويا آھن ـ منير نائچ به بازياب ٿي ويو آھي جڳديش به بازياب ٿي ويندو ـ جن مغوين جي وارثن کان اڳ ۾ ڀنگ ورتو ويو آھي انھن کي واپس ڪرائينداسين ـ ڪچي ۾ اينٽلينجينس آپريشن ڪيو ويندو ـ جنهن بعد مظاھرين چتاء ڏنو ته جيڪڏهن مغوي 24 ڪلاڪن ۾ بازياب نه ٿيا ته ٻيھر ڌرڻو ھڻنداسين ـحيدرآباد ۾ ارڏو اترادي، سرفراز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پنوعاقل ۾  ھندو پنچائت طرفان مندر گلي سانول چوڪ تائين  ڊاڪٽر هري لال، مکي پرڀو مل، سنتوش ڪمار منڌاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ميرپورماٿيلو ۾ هندو پنچائت جي سڏ تي شهرين گھنٽا گھر چوڪ کان مکي نانڪ رام، شنڪر لعل پنشي، ڪامريڊ ڪڪو رام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، خانپور مهر ۾ھندو برادري جي ماڻهن مکي چندربان، رميش لال، مڪيش ڪمار، اونڪار لال، سکورام، سنجي لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظهرو ڪري ڌرڻو هنيو.