ڪشمور ڌرڻو: جدوجهد ۽ حاصلات

0
40
ڪشمور ڌرڻو: جدوجهد ۽ حاصلات

 لاڳيتي بدامني ۽ اغوا جي وارداتن خلاف پھريون ڀيرو سنڌ جي ھندو ڪميونٽي خاص طور نوجوان نسل طرفان احتجاج ۽ مزاحمت جي واٽ اختيار ڪندي ڪشمور ۾ سنڌ- پنجاب- بلوچستان دنگ ديره موڙ تي ڌرڻو هنيو ويو، جيڪو ھاڻي تاريخ ۾ “ڪشمور ڌرڻو” جي عنوان سان محفوظ ٿي ويو آهي. مفاھمت، مصلحت ۽ اڃان به ائين چئجي ته بزدلي ۽ بي اعتباري جي ھن جھان ۾ ھي ھڪ بھادريءَ وارو قدم ھو، جنهن جي مثبت حاصلات کي اڪثر بزدل، بي ايمان، بدنيت ڪردارن ۽ ڪجهه نادانن پاران زائل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، جنهن جي منفي اثرن کي زائل ڪرڻ به ضروري آهي.

                 سڀ کان پهرين اھو ذھن نشين ڪرڻ گهرجي ته ھر جدوجهد جا ڪي مثبت ڪي منفي نتيجا نڪرندا آهن؛ جنهن جدوجهد جا مثبت نتيجا وڌيڪ نڪرن، اھا ڪامياب جدوجهد ڳڻبي آهي. ان معيار تي ڪشمور ڌرڻو ويجهي تاريخ جو ڪامياب ترين ڌرڻو ھو، جنھن جو پڙاڏو ڏيھ پرڏيھ ۾ گونجيو. ڪشمور ڌرڻو عوامي ھو ۽ غير سياسي ھو. عوامي ھجڻ ان جو مثبت پاسو ھو ۽ غير سياسي ھجڻ ان جو ڪمزور پاسو ھو. ھڪڙي ڳالھ ياد رکو ته ھي ظلم، استحصال، قومي غلامي ۽ طبقاتي جبر جو نظام چاھيندو آهي ته ڪو به عوامي احتجاج، ڪابه عوامي مزاحمت نه ٿئي ۽ جي اھا اڻٽر طور اڀري به اچي ته ان جي واڳ غير سياسي قوتن يا سسٽم جي ڀرجھلو سياسي قوتن جي ھٿ ۾ رھي، جيئن ان کي لغام ڏيڻ آسان ٿي پوي.ڪشمور ڌرڻي جي سڀ کان وڏي ۽ فوري حاصلات عوامي دٻاءَ تحت يرغمال بڻايل ماڻهن جي بازيابي ھئي ۽ جيڪڏهن توهان ان تي دور رس نظر وجهو ته ان جي سڀ کان وڏي حاصلات رياستي طور ديوار سان لڳايل سنڌي ھندو ڪميونٽي جو پھريون ڀيرو احتجاج ۽ مزاحمت جي واٽ وٺڻ آهي، جيڪو سنڌ جي قومي توڻي عوامي جدوجهد لاءِ نيڪ سنئوڻ آهي. سنڌ جون ھندو پئنچائتون گھڻو تڻو پاڪستان پيپلزپارٽي وٽ يرغمال بڻيل آھن، جيڪا سسٽم جي سڀ کان بااثر سياسي قوت آهي، جنهن سڀني کي ڪشمور ڌرڻي ۾ شرڪت کان منع ٿي ڪئي پر ڪشمور ڌرڻو سنڌي قوم جي دل جي ڌڙڪڻ بڻجي ويو، جنهن ڪري ئي سڄي سنڌ ۾ ھنڌ ھنڌ ڌرڻا لڳڻ شروع ٿي ويا ۽ ھمراهه وري ان کي قابو ڪرڻ ۾ لڳي ويا.جڏهن سنڌ سراپا احتجاج بڻي ته سنڌ ۾ سسٽم جي سڀ کان سگهاري سياسي قوت جي عوامي پت به وائکي ٿي وئي. ان جي ناڪام ٿي وڃڻ کانپوءِ 5 سيپٽمبر تي سسٽم پاڻ متحرڪ ٿي ويو ته جيئن 6 سيپٽمبر تي يوم دفاع جي پت رھجي اچي پر جڏهن ڪنهن جي زوال جو وقت اچي ويندو آهي تہ سوَ سياڻپا به ڪم نہ ايندا آهن. سسٽم جي ناڪامي کانپوءِ سسٽم پنهنجي ڪمدارن کي ڪم سان لڳائي ڇڏيو آهي ته سسٽم جي ناڪامي کي سسٽم جي ڪاميابي ۽ جدوجهد جي ڪاميابيءَ کي جدوجهد جي ناڪامي سان تعبير ڪيو وڃي، جيئن سڀاڻي سنڌي قوم ۽ خاص طور نوجوانن جو وري مغز خراب نه ٿئي.