ڪشمور پوليس پاران 5 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

0
49
ڪشمور پوليس پاران 5

غوثپور (رپورٽر) ڪشمور پوليس پاران مبينا مقابلي  دوران 5 مغوين کي بازياب  ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، پوليس موجب  دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن هلندڙ آهي

ڏوهارين سان مقابلي دوران 5 مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، بازياب ٿيلن ۾ رضوان ناريجو،  رجب سولنگي، مسعود سولنگي، اسد  سولنگي ۽ عبدالوحيد ڏاهاڻي شامل آھن

ٻئي پاسي گاجي کهاوڙ مان نوجوان ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشانين ۾ ورتل آھن

وارثن موجب ڳوٺ عباس علي لاڙ واسي 35 ورهين  جو بدلو لاڙ ٻه ڏينهن اڳ گاجي کهاوڙ لاءِ نڪتو هو

2 ڏينهن گذرڻ باوجود بدلو لاڙ  گاجي کهاوڙ ناهي پهتو، کيس  ڳولڻ ۾ مدد ڪئي وڃي، ياد رھي تھ گاجي کھاوڙ شھر  ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آھي، گاجي کھاوڙ مان لڏپلاڻ جاري آھي

ھي به پڙھندا

ايس ايس پي گهوٽڪي جي آپريشن جي اعلان جو رد عمل: ڌاڙيلن ٻن مغوين جي وڊيوز جاري ڪري ڇڏي

ايس ايس پي گهوٽڪي جي آپريشن جي اعلان جو رد عمل: ڌاڙيلن ٻن مغوين جي وڊيوز جاري ڪري ڇڏي

ميهڙ شهر کي ٻوڏ جو خطرو برقرار، گاجي کھاوڙ ڀرسان ڌامراھ واھ کي مختلف ھنڌن تي 3 گھارا