لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڪشمور پوليس دوستي جي آسري ۾ گهيلپور جي ڪچي ويندڙ پنجاب جي شهر فيصل آباد واسي پورهيت کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي، ان حوالي سان ڊي آءِ جي ناصر آفتاب جو چوڻ هو ته فيصل آباد واسي محمد بوٽا انجم دوستي ڪرڻ جي  آسري گهيلپور جي ڪچي ڏانهن وڃي رهيو هو جنهن کي ٽيڪنيڪل اطلاع جي مدد سان بچائي ورتو آهي. پوليس موجب فيڪ ڪالز، ميسيجز جي ذريعي ماڻهو ڪچي طرف نه وڃن.