ڪشمور (رپورٽ: شريف ڄامڙو)ڪشمور پوليس دھشت جي علامت بڻيل ڏوهاري ۽ ساگر ڪمار جي اغوا  جي ماسٽر مائينڊ کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي دوران ڪجهه وقت اڳ ڪشمور مان اغوا ٿي ويل ھندو نوجوان ساگر ڪمار جي اغوا واقعي جي ماسٽر مائنڊ الطاف حسين عرف رحيمڻ دستي کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدار تي ساگر ڪمار جي اغوا، ڦر، منشيات سپلاءِ، پوليس مقابلن سميت 33 کان وڌيڪ ڪيسن داخل آهن، جن ۾ هو گهربل هو، پوليس موجب رحيمڻ دستي ڪشمور ۾ دھشت جي علامت بڻيل هو، واضح رهي ته جوابدار رحيمڻ دستي ڪشمور واسي ساگر ڪمار کي اغوا ڪرڻ جو اڳ ئي پنهنجي ويڊيو بيان ذريعي اعتراف ڪري چڪو هو، جنهن بعد ڪشمور پوليس سندس گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا هڻي رھي ھئي پر هو هٿ اچي نه سگهيو هو، ڪالهه کيس گرفتار ڪيو ويو.