ڪشمور(رپورٽر) پنجاب جي رحيم يار خان پوليس پاران گمبٽ جي ڊاڪٽر خالد محمود جي اغوا معاملي ۾ ملوث ۽ سھولتڪاري ڪرڻ جي الزام ۾ ڏھ ڏينهن اڳ سينيئر صحافي خان محمد شر، پيرسن ماءُ ۽ گھرواري سميت ڳوٺ بقا محمد کوسو مان شيخ برادري جي اقبال احمد، نثار، خدا بخش،چاڪر, روبينا، مهران، هير زادي، امام زادي، الله وسائي رحاني، فرزانه، 27 ڄڻن کي گھران کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو پنجاب رحيم يار خان پوليس کنڀيل رھواسين جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي ۽ نه ئي ڪو ڪيس ظاهر ڪيو ڪشمور جي صحافين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن فرحان قريشي، افضل عطا ڪلوڙ، علي حسن سومرو، حاڪم علي ڀٽي، ميان محمد، يوسف رسول ۽ ٻين پاران ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ايس ايس پي بشير بروهي پاران پنجاب پوليس ھٿان صحافي خان محمد شر ۽ سندس خاندان جي غيرقانوني جبري گرفتارين خلاف ڪي به اپاءَ ناھن ورتا ڪشمور پوليس پنھنجيون دوستيون نڀائڻ ۾ رڌل آهي، آءِ جي سنڌ، وزير اعليٰ سنڌ، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، اعليٰ اختياريون نوٽس وٺي ناحق گرفتار ٿيل سينيئر صحافي خان محمد شر، امڙ ۽ گھرواري معصوم ٻارڙن سوڌو شيخ برادري جي عورتن ٻارڙن نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رکيو ويندو، ٻئي پاسي روڊ بند ھئڻ ڪري ٽريفڪ جي آمد رفت معطل ٿي وئي آهي.