ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور ٿاڻي جي حد بجلي گرڊ اسٽيشن وٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي نامعلوم ھٿياربند فائرنگ ڪري پرائمري اسڪول جي پي ايس عبدالطيف کوسو ۾ پڙھائيندڙ استاد فھد کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا ڪشمور پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي مقتول جو لاش تعلقي اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو وارثن ٻڌايو ته اسان کي شق آهي تنگواڻي جي ھڪ برادري جي ھٿياربندن نوجوان کي قتل ڪيو آهي علائقي ۾ چئوٻول آهن ته پراڻي دشمني تان پلاند ۾ پرائمري استاد کي قتل ڪيو ويو ٻئي پاسي ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو، نوجوان جي گھر ۾ ڪھرام متل آهي.