ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور مان ٽي ڏينهن اڳ ڊيراموڙ جي ڪي رائيس مل تان ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويل ھندو نوجوان راجيش ڪيسواڻي جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت، ھندو نوجوان اتحاد ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي چوڌري نريش ڪمار ڪيسواڻي نتن ڪمار ايوش بجاج، وجي لنڊ محمد زمان دايو رفيق احمد چنا ۽ ٻين چيو ته پوليس مغوين راجيش ڪيسواڻي ،وڪرم ڪمار، آصف دستي غلام حسين دستي محمد پناهه کوسو جھانزيب سومرو احمدالدين سومرو سميت ست ڄڻن کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته  نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت  وري ڌرڻو هنيو ويندو.