ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور واسي نوجوان پنجاب جي دولي چيڪ پوسٽ واري علائقي سوئي روڊ تان اغوا، شهر جي عيد گاهه پاڙي واسي نوجوان محمد شريف دايو دوائن جي ھول سيل دڪان جون دوائون سيل ڪرڻ لاءِ سوئي وڃي رهيو هو ته ھٿياربندن دولي چيڪ پوسٽ ڀرسان گاڏي روڪي کيس اغوا ڪري فرار ٿي ويا ، نوجوان جي گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان محمد شريف دايو دوائن جي ھول سيل دڪان تي روزگار ڪندو آهي، هٿياربند کيس اغوا ڪري ويا آهن، نوٽيس وٺي کيس بازياب ڪرايو وڃي.