ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور واسي مغوي راجيش ڪيسواڻي بازياب نه ٿي سگهيو، ھندو پنچائت جي سڏ تي سياسي سماجي اڳواڻن  ۽ شھرين طرفان مغوي جي بازيابي جي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن  پريتم راماڻي، سريش ڪيسواڻي، وجي لنڊ، راڪيش مڪريجا، رفيق چنا ۽ ٻين چيو ته پوليس مغوي راجيش ڪيسواڻي سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، پنج مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل آهن مغوي بازياب نه ٿيا ته احتجاجي تحريڪ وڌائيندي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويندو.