ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور مان اغوا ٿي ويل ساگر ڪمار بازياب نه ٿي سگهيو، ايس ايس پي امجد شيخ کانپوءِ ايس ايس پي روحل کوسو جا به واعدا ڪوڙا نڪتا، ھندو برادري ۽ مغوي جي وارثن ۾ مايوسي ڇانئجي وئي، مغوي ساگر ڪمار ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪشمور جي ھندو پنچائتي درٻار ۾ ھندو برادري پاران شري سکمني جو پاٺ ڪيو ويو، شبد ڪيرتن ڀڳتي به ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ھندو برادري ۽ مغوي ساگر ڪمار جا وارث شريڪ ٿيا، هوڏانهن ايس ايس پي روحل کوسو جا ھندو برادري ۽ مغوي ساگر ڪمار جي وارثن سان 48 ڪلاڪن ۾ بازيابي وارا واعدا پورا ناهن ٿيا، ڌاڙيل مختلف وقتن تي مغوي جي وارثن کان ڪروڙين رپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پوليس کي مغوي جي بازيابي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي.