تيرنھن سالن جو احمد ڇڄڻ ۽ سورنھن سالن جو صحبت نائچ ھلندڙ مھيني جون جي پھرئين ھفتي دؤران ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور مان اغوا ٿيا. ڪمشور ۾ گذريل ڇھن مھينن کان امن جي بحالي لاءِ ھندو پنچائت، آل پارٽيز الائنس ۽ سول سوسائٽي طرفان احتجاجي مھم جاري آھي. ڪشمور، لاڙڪاڻي، سکر ۽ ڪراچي ۾ امن جي بحالي لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو پر سنڌ حڪومت احتجاج ڪندڙن جي مطالبن کي مثبت موٽ نه ڏني. سنڌ حڪومت وٽان اڪثر ھڪڙو ئي جواب ٻڌڻ لاءِ ملندو رھيو آھي ته ڪشمور- ڪنڌڪوٽ پنجاب ۽ بلوچستان جي سرحد تي آھي. پوليس آپريشن دوران ڏوھاري پنجاب يا بلوچستان جي حدن ۾ فرار ٿيو وڃن.
ڪشمور ۾ امن لاءِ تحريڪ جاري ھئي ته مٿان ھي نوجوانن جي اغوا جا واقعا پيش آيا ۽ امن جي بحالي واري تحريڪ ڪشمور کان اسلام آباد تائين امن مارچ ۾ تبديل ٿي وئي. اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب سامھون ڇھن ڏينھن تائين احتجاج ڪندڙ ڪشمور مان چونڊيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي علي جان مزاري معرفت وزير اعظم پاڪستان تائين پنھنجو آواز پھچائڻ ۾ ڪامياب ويا. ملڪ جي وزير داخلا محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سان ڊاڪٽر مھرچند جي سربراهي ۾ امن مارچ قافلي جي وفد ملاقات ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو وفاقي حڪومت کان مطالبو ھو ته ڪشمور ۾ سنڌ پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي، انھيءَ ڪري رينجرز اور فوج کان ڌاڙيلن ۽ ڀتا خورن خلاف آپريشن ڪرايو وڃي. امن مارچ وارن جون ڳالھيون ٻڌي وفاقي حڪومت جي وزيرن سندن ڪيس سنڌ حڪومت ڏانھن واپس منتقل ڪري ڇڏيو آھي.
امن مارچ جي قيادت ڪندڙ ڊاڪٽر مهرچند مطابق سنڌ جي گھرو وزير سان سندن ڳالھ ٻولھ ٿي وئي آھي، اسلام آباد مان احتجاج ختم ڪري ھو 27 جون تي واپس سنڌ وريا آھن. ايس ايس پي ڪشمور زبير نذير شيخ مطابق مغوين کي ميڊيا ۾ معصوم ٻار ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، انھن جي عمر 16 کان 19 سالن تائين آھي. پوليس وٽ وارثن ڪا ايف آئي آر درج ناھي ڪرائي، انھيءَ باوجود اسان مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي ويجھو پھچي ويا آھيون، جلد خوشخبري ٻڌائي ويندي. پوليس رڪارڊ موجب گذريل سال 2024ع دوران ڪشمور ضلعي مان 47 شھري اغوا ھئا، جن کي بازياب ڪرايو ويو. ھن وقت پوليس رڪارڊ ۾ ڪو اغوا ٿيل ناھي.
پوءِ احتجاج ۽ امن مارچ ڇو؟
انساني حقن واري ڪميشن پاران ڪرايل فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ مطابق بد امني کان تنگ ٿي گذريل سال ڪشمور مان 300 ھندو فرد ھندستان لڏي ويا آھن. ڊاڪٽر مھرچند مطابق ڀتي جون پرچيون پھريان ھندو واپارين ۽ سيٺين کي ڏنيون وينديون ھيون. جڏھن ڀتي ۽ اغوا انڊسٽري هلائيندڙن جي ھٻڇ وڌي ته انھن اڳتي ھلي ھندو مسلم جو فرق ختم ڪري برابري جي بنياد تي واپارين ۽ نوڪري پيشه ڪشمور واسين کي چٺيون ڏيڻ شروع ڪيون. ڪشمور- ڪنڌڪوٽ جي روڊن تي مسافر گاڏين ۽ ڪوچن کي ڦُرڻ معمول بڻجي ويو. ڀتي ۽ چٺي جي رقم نه ملڻ جي صورت ۾ ٻارن جي اغوا جا واقعا وڌڻ لڳا. ڪشمور ۾ معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري انھن جي بازيابي لاءِ ڳري رقم طلب ڪرڻ جو ڪاروبار زور وٺڻ شروع ٿيو.
ايس ايس پي ڪشمور امن مارچ وارن جي ڳالھين کي ‘پراڻيون حالتون’ چوي ٿو. سندس چوڻ آھي ته ھن وقت ضلعي ۾ ڪو به شھري اغوا ناھي ٿيل. سنڌ جي وڏي وزير جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي احتجاج ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پھتلن کي ياد ڏياريندي چيو آھي ته فوجي حڪومتي دورن ۾ ڪشمور- ڪنڌڪوٽ جي روڊن تي مسافر گاڏيون پوليس ڪانواءِ ۾ وينديون ھيون. ھن وقت امن امان جي صورتحال انھيءَ کان بھتر آھي. ڪشمور واسين جون سنڌ جي گھرو وزير سان ڳالھيون ٿيڻ تائين ڏسجي ته مغوي نوجوان بازياب ٿين ٿا يا وارثن کي اڃان انتظار ڪرڻو ٿو پوي؟