ڪشمور(رپورٽر) ايس يو پي، ايس ٽي پي، شھري ايڪشن ڪاميٽي ۽ ٻين سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران رفيق چنا، ھدايت الله جکراڻي، شاھ گل مزاري، قيصر ڀٽي نادرا آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪشمور نادرا سينٽر جو انچارج صادق سومرو سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائڻ لاءِ ايندڙ پيرسن عورتن توڙي مردن جي تذليل ڪري رهيو آهي،هنن الزام لڳايو ته نادرا انچارج صادق سومرو سڃاڻپ ڪارڊ جا ٽوڪن جاري ڪرڻ ۽ مختلف سرٽيفڪيٽ جاري ڪرائڻ لاءِ رشوت وصول ڪري رهيو آهي، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل نادره آفيس انچارج صادق سومرو جو موقف سامهون نه اچي سگهيو.