ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور جي ڪسٽم چيڪ پوسٽ تان 4 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ڪسٽم انسپيڪٽر راشد سومرو، اھلڪار وزير ميمڻ ۽ باورچي ڪبير چاچڙ جي ڌاڙيلن ھڪ ٻي ويڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي، ويڊيو ۾ ٽنھي مغوين کي تشدد جو نشانو بڻائيندي لاڳاپيل ڪسٽم آفيسرن ۽ ڪشمور پوليس کان ڌاڙيلن پنهنجي خاندان جون عورتون ۽ مردن جي آزادي عيوض ڪسٽم اھلڪارن جي بازيابي جو چتاءُ ڏيندي مغوين جا لاش موڪلڻ سميت انڊس هاءِ وي تي چڙهائي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، هوڏانهن ڌاڙيلن جي ويڊيو جاري ٿيڻ بعد گيھلپور ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن ڪيو ويو، پوليس طرفان مقابلي دوران ڌاڙيل امتياز شر کي مارڻ ۽ 3 جوابدارن کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، پوليس موجب مارجي ويل ڌاڙيل ۽ زخمي ٿيلن کي ساٿي ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا، ايس ايس پي زبير نظير شيخ جو چوڻ هو ته مغوين جي بازيابي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو.