ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ ڪجهه مھينا اڳ ساگر ڪمار جي اغوا واقعي بعد مزاري برادري جي ماڻهن پاران جديد ھٿيارن جي نمائش ڪرڻ ۽ مزاري ڌر کي لائسنس ۽ بغير لائسنس ھٿيار کڻي ڪچي وڃڻ لاءِ اڪسائڻ تي مزاري ھائوس جي ترجمان سميت 39 سڃاتل ۽ 70 اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪشمور ٿاڻي تي داخل ٿيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪجهه مھينا اڳ ھندو نوجوان ساگر ڪمار جي اغوا واقعي بعد مزاري برادري جي محمد حسين مزاري بااثرن جي چوڻ تي پنهنجي برادري جي ماڻهن کي لائسنس توڙي بغير لائسنس وارا جديد ھٿيار کڻي ڪچي ھلڻ لاءِ اڪسايو هو، جنهن کانپوءِ مزاري برادري جي ھزارين ماڻهن ڪلاشنڪوف، راڪيٽ لانچر، جي ٿري ۽ ٻيا ھٿيار کڻي سرعام نمائش ڪندي ڪچي طرف ويا هئا، داخل ڪيس ۾ محمد حسين مزاري، شڪل مزاري، مانجھي مزاري، ڏاڏو شيراڻي مزاري ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آئي آر ۾ ڄاڻايل مک جوابدار مزاري ھائوس جي ترجمان محمد حسين مزاري کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو ھو، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ نامزد باقي جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي.