ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪشمور ضلعي ۾سنڌ بلوچستان دنگ تي رينجرز ۽ ڪسٽم عملي گڏيل ڪارروائي ڪري اسمگل ڪري آندل ڪروڙن جو سامان ضبط ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب ڪشمور ضلعي ۾ سنڌ بلوچستان دنگ تي ڪاررواين دوران گاڏين جي تلاشي ورتي وئي، جنهن دوران ڪپڙن جا 1117 بنڊل، پيراشوٽ ڪپڙي جا 166 بنڊل، 827 ٽائر ۽ خشڪ کير جا 45 دٻا ضبط ڪيا ويا، ضبط ڪيل سامان جي ماليت 5 ڪروڙ 50 لک آھي،