ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور مان ھڪ مھينو اڳ اغوا ٿي ويل نوجوان ساگر ڪمار جي بازيابي جا اطلاع، وارثن ۾ سرهائي، 50 لک ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول، ذريعن موجب ايس ايس پي ڊرامائي انداز ۾ مغوي ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائي وارثن کي اهڙو اطلاع ڏنو، جڏهن ته اهڙي اطلاع تي ساگر ڪمار جي گھر ۾ جشن جهڙو ماحول ٿي ويو ۽ ھندو پنچائت چاولا شادي حال ۾ دھل شرنايون گھرائي ورتيون، ذريعن موجب ساگر ڪمار جي بازيابي ھڪ چڱي مڙس جي معرفت ڊيل تحت ٿي آهي، جنهن ۾ مغوي جي وارثن کان 50 لک ڀنگ ورتو ويو آهي، وارثن ٻڌايو ته پوليس ساگر کي وٺي اچي رهي آهي، جڏهن ته رات دير تائين وارث انتطار ڪندا رهيا، ان ڏس ۾ ايس ايس پي روحل کوسو بازيابي جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، واضح رهي ته ڌاڙيلن 15 ڏينهن اڳ نوجوان جي تشدد واري ويڊيو وائرل ڪري وارثن کان 10 ڪروڙ ڀنگ جو مطالبو ڪيو ھو، جڏهن ته ھندو پنچائت، سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين قومي شاهراهه تي 4 ڏينهن ڌرڻو هنيو هو، سمورا مغوي ڀنگ ڀري بازياب ٿي اچڻ تي پوليس جي پت وائکي ٿي وئي آهي ۽ سندس مقابلا ۽ آپريشن واريون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿي رهيون آهن، مغوي جگديش، جئديپ 60 لک ۽ منير نائچ 80 لک ڀنگ ڀري موٽيا ھئا، ساگر ڪمار جي وارثن کان به 50 لک ڀنگ وٺي کيس ڇڏيو ويو آهي.