ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور جي ڊکڻ بنگلي واري علائقي مان بخشاپور واسي ٽي ڄڻا سڪندر ٽانوري، غفار ٽانوري ۽ آصف ٽانوري کي ھٿياربند انڊس هاءِ وي تان اغوا ڪري ويا، جاءِ واردات تان مغوين جي موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان ڊکڻ بنگلو ۾ اليڪٽريشن جو دڪان ھلائيندا آهن، پنهنجي گهر بخشاپور طرف وڃي رهيا هئا ته رستي مان اغوا ٿي ويا، وارث ٿاڻي تي پهچي اغوا جو اطلاع ڪيو ويو، ان حوالي سان قاسم ٽانوري ٻڌايو ته ٽي نوجوانن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن، ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي، ٻئي پاسي ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو.