ڪشمور ضلعي ۾ اغوا ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ ٽئين ڏينهن به شٽربند هڙتال

0
152

ڪشمور ضلعي ۾ اغوا ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ ٽئين ڏينهن به شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، بخشاپور، غوثپور، بڊاڻي ۽ تنگواڻي ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو آهي

  ڪشمور ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ هندو پنچائت جو سنڌ-پنجاب دنگ وٽ به ٻئين ڏينهن به ڌرڻو جاري، انڊس هاءِ وي تي ٽرئفڪ معطل ٿي وئي

ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ آهي ته مکي  جڳديش ڪمار، ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ ۽ نينگر جئديپ ڪمار سميت سمورا مغوي بازياب ناهن ٿي سگهيا آهن

اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، معصوم ٻارڙن توڙي عورتن تي به رحم نٿو ڪيو وڃي، مغوين تي تشدد ٿي رهيو آهي، مغوين جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

هي به پڙهندا

ڪرمپور: ڌاڙيلن لاڙڪاڻي واسي مغوي نوجوان جي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي

ڪراچي سميت سنڌ جي  مختلف شهرن ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي شٽر بند هڙتال