ڪشمور: زڪوات ۽ ڪپڙا ورھائڻ دوران بدنظمي، لتاڙجي ساھ ٻوساٽجڻ سبب عورت فوت: 4 مستحق بيهوش

0
27
ڪشمور: زڪوات ۽ ڪپڙا ورھائڻ دوران بدنظمي، لتاڙجي ساھ ٻوساٽجڻ سبب عورت فوت: 4 مستحق بيهوش
ڪشمور: زڪوات ۽ ڪپڙا ورھائڻ دوران بدنظمي، لتاڙجي ساھ ٻوساٽجڻ سبب عورت فوت: 4 مستحق بيهوش

ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور جي عيد گاهه پاڙي ۾ ٺيڪيدار جي رھائشگاھه تي زڪوات جي رقم ۽ ڪپڙا ورھائڻ دوران بدنظمي، عورتن جي پيھه سبب شاھوالي واسڻ عورت مسمات سيده شھربانو لتاڙجي ساھه ٻوساٽجڻ ڪري فوت ٿي وئي، ڪشمور واسڻ مسمات شمنا ملڪ سميت 4 عورتون ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿيڻ بعد بيھوش ٿي ويون، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان ڪشمور پوليس جو چوڻ هو ته ٺيڪيدار قيوم مزاري جي رھائشگاھه تي زڪوات جي رقم ۽ ڪپڙن جي ورهاست دوران بدنظمي ٿي آهي، جنهن ڪري ھڪ عورت فوت ٿي آهي ۽ چار عورتون زخمي ٿيون آهن، عورتن کي زڪوات ھلائڻ دوران لٺيون لڳڻ واري واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، فوتي عورت جي وارثن طرفان اھڙي ڪمپلين سامھون ناهي آئي.

زڪوات جا پئسا ۽ ڪپڙن بدران مستحق عورت کي موت ملي ويو !

ڪشمور: غريب عورتن ۾ ڪپڙا ۽ زڪوات جا پئسا ورھائڻ دوران بدنظمي ٿي وئي، ذريعن موجب عورتون ڀت تي چڙهي ويون، ٺيڪيدار جي ماڻهن عورتن کي لٺيون ھنيون ڀاڄ دوران شاھوالي واسڻ ھڪ عورت فوت ٿي وئي آهي، ۽ چار عورتون زخمي ٿيون.

پيهه ۽ بدنظمي سبب مستحق عورتن تي لٺيون وسايون ويون: ذريعا

ڪشمور: علائقي ۾ چئوٻول آهن ته عورتن کي پوئتي ڪرڻ لاءِ ٺيڪيدار جي ماڻهن لٺيون ھنيون، جنهن ڪري چار عورتون زخمي ٿيون، ڀاڄ سبب ھڪ عورت فوت ٿي آهي.

زڪوات ۽ مستحقن ۾ ڪپڙا ورهائيندڙ ٺيڪيدار پاران موقف ڏيڻ کان انڪار

ڪشمور: ٺيڪيدار عبدالقيوم مزاري کان پنهنجي اخبار طرفان واقعي بابت موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ٺيڪيدار  موقف نه ڏنو.