ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور جي ايس پي ۽ رينجرز ڪرنل ڪچي جو دورو ڪيو، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ روحل کوسو ۽ ڪرنل رينجرز ڪچي واري علائقي جو دورو ڪري آپريشن جي تيارين جو جائزو ورتو ويو ۽ مختلف ھنڌن تي قائم پڪٽس جي ڊپلائيمنٽ چيڪ ڪئي، فورسز پاران ڪچي جي علائقي جو ڊرون ڪيمرا ذريعي جائزو ورتو ويو، ايس ايس پي ۽ ڪرنل سنڌو درياهه جي بندن دراني مهر، گهوڙا گھاٽ، گبلو، مياڻي، حاجي خان شر ۽ گيهلپور جو پڻ معائنو ڪيو.