ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، سي ٽي ڊي جو اهلڪار شهيد

0
16
ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، سي ٽي ڊي جو اهلڪار شهيد
ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، سي ٽي ڊي جو اهلڪار شهيد

ڪنڌڪوٽ / ڪشمور / خانپور (نمائندن وٽان )گيهلپور جي ڪچي واري علائقي ۾ بنگوار ۽ شر گينگ خلاف ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي مختلف پوليس ٿاڻن جي نفري بڪتربند گاڏين پوليس موبائيلز ڍيڍ سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن رينجرز اهلڪارن ڏوهارين خلاف ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ زبير نظير شيخ جي سربراهي ۾ آپريشن شروع ڪيو.پوليس کي ڏسندي ئي ڏوهارين پوليس مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ دوبدو جديد هٿيارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ هلندي رهي ۽ علائقو گولين ڌماڪن جي آواز سان گونجي اٿيو.هلندڙ پوليس آپريشن ۾ ڏوهارين جي فائرنگ ۾ هڪ سي ٽي ڊي پوليس اهلڪار شڪارپور ضلعي واسي انور علي ڪلهوڙو شهيد ٿي ويو.پوليس پاران شهيد پوليس اهلڪار جو مڙه ڪشمور سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد پوليس عملدارن شهيد پوليس اهلڪار جو مڙه پوليس هيڊڪواٽر ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيوآخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ٻئي طرف ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ زبير نظير شيخ جو چوڻ هو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي پوليس گيهلپور جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف مغوين جي بازيابي ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ ڪري رهي آهي.هن چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ پوليس موجود آهي ڪچي مان ڏوهارين خلاف آپريشن بند نه ڪيو ويندو آپريشن جاري رهندو ۽ شهيد پوليس اهلڪار جي رت جو پلاند ڪيو ويندو ۽ ڪچي ۾ ڏوهارين جو مڪمل خاتمو ڪري اغوا ٿي ويل مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو ۽ امن و امان جي فضا کي برقرار رکيو ويندو.