ڪشمور/ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان) نگران صوبائي وزير قانون عمر سومرو ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ پهتو، ڪشمور ۾ هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزير قانون محمد عمر جو چوڻ هو ته ڪچي ۾ تمام جلد پوليس آپريشن ڪيو ويندو، ڪشمور ۾ ھندو پنچائت وٽ گڏجاڻي دوران پنچائت جي نوجوانن پاران پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ ساگر ڪمار جي بازيابي واري معاملي تي کيس ٻڌايو ويو، نگران صوبائي وزير چيو ته پوليس، صحت توڙي ٻين کاتن ۾ بنگلن جي وڏيرن جي چوڻ تي ماڻهو نوڪرين ۾ ڀرتي ٿيل آهن پوءِ حالتون ڪيئن بهتر ٿي سگهن ٿيون، هن چيو ته پريا ڪماري بابت ايس ايس پي سکر سان مون پريا ڪماري بابت ڳالهايو آهي، جنهن چيو ته آءُ معاملي کي چڱي ريت ڏسان پيو ۽ هاڻ 2 سالن بعد به آءُ پراميد آهيان ته پريا ڪماري کي بازياب ڪرائيندس، هن چيو ته ايندڙ هفتي ايس ايس پي سکر کان پريا معاملي تي وڌيڪ ڳالهائيندس ته ان جاچ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي، هن جو چوڻ هو ته جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري جو واعدو ڪيو آهي، پوليس ان تي ڪم ڪري پئي، ڪنڌڪوٽ ۾ نگران صوبائي وزير آڏو هندو ڪميونٽي جي ماڻهن دانهون ڪيون ته اسان لڏپلاڻ ڪري رهيا آهيون، پاڻ کي محفوظ نه پيا سمجهون، ڪنڌڪوٽ مان  90 سيڪڙو هندو لڏپلاڻ ڪري وڃي چڪا آهن، مغوي نازيا کوسو ۽ ڪوثر کوسو جي وارثن نگران صوبائي وزير کي پڻ ٻنهي جي اغوا بابت آگاهي ڏني، جنهن تي نگران صوبائي وزير ايس ايس پي کي خاص هدايتون ڏنيون ته فوري طور تي مغوي عورت نازيا کوسو ۽ ٻارڙي ڪوثر کوسو کي بازياب ڪرائي هندو ڪميونٽي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، نگران قانون واري وزير عمر سومرو چيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي حالت انتهائي خراب آهي، ٻارڙا اغوا آهن، عورتون اغوا ٿين پيون، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، سنڌي امن پسند آهن، الائي ڪنهن جي سنڌ کي نظر لڳي آهي،  هن چيو ته ڪچي ۽ پڪي تي 2 قسمن جا ڏوهه ٿين ٿا، هڪ ڌاڙيل ڪچي ۾ ڪن ٿا ۽ ٻيو وري سردار پڪي تي هنن جي سپورٽ ڪري ڪن ٿا، ڪچي ۾ آپريشن ٿيندو ضرور، ان ۾ رينجرز ۽ پوليس به حصو وٺندي رڳو پاڻي لهڻ ڏنو وڃي.