ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول حسن علي شاهه ۾ سرسو اڪيڊمڪ ڪوآرڊينيٽر آپي مان نڪري ويو، پرائمري ڪلاس ۾ پڙهندڙ معصوم نينگر ناصر نيازي کي پاڻي جي نلڪي ڀڃڻ تان تشدد جو نشانو بڻائيندي گيھليندي اسڪول جي استادن آڏو به سرعام تشدد ڪيو، سرسو عملدار محسن علي شاهه جي اھڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي به وئرل ٿي وئي  آهي، اسڪول جي استادن جو چوڻ هو ته محسن علي شاهه پاران نينگر ناصر نيازي کي پاڻي جي نلڪي ڀڃڻ تان تشدد ڪيو ۽ اسڪول انتظاميا وٽ وٺي اچي پڻ شڪايت ڪئي ۽ نينگر کي چماٽون ھڻندو رهيو. اسڪول انتظاميا جو وڌيڪ چوڻ هو ته سرسو ڪوآرڊينيشن ٽيم جو اسڪول جي شاگردن سان ڪو به واسطو ناهي.