ڪسٽم وارا پئسا وٺي پاڻ گاڏيون اسمگل ڪرائين ٿا: چيف جسٽس

0
95
چيف جسٽس خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ هڪ جوابدار گرفتار
چيف جسٽس خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ هڪ جوابدار گرفتار

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسمگلنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪسٽم وارا پئسا وٺي پاڻ گاڏيون اسمگل ڪرائين ٿا ۽ پوءِ پاڻ ئي پڪڙائين ٿا، پشاور بارڊر کان 4 سئو ڪلوميٽر اندر آيل هڪ گاڏي پڪڙي وئي، ڪسٽم ڊپارٽمينٽ خلاف ڪارروائي ڇو نه شروع ڪئي وڃي؟

سپريم ڪورٽ ۾ ڪي پي ڪسٽم اختيارين پاران اسمگلنگ ٽرڪ پڪڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ٽرڪ 1996 ۾ ٺهي ۽ 2016 ۾ پڪڙي وئي، 22 سالن تائين اها ٽرڪ ڪٿي هلندي رهي؟ اسمگلنگ ڪٿان کان ٿئي ٿي، ٽرڪ ماچيس جي دٻي نه آهي، اها ڪهڙي رستي کان آئي ڪسٽم وارن کي خبر ئي نه آهي

چيف جسٽس چيو ته پشاور ۾ وڃي ڏسو ته گاڏيون ڪيئن اسمگل ٿين ٿيون، عدالت ڪسٽم کاتي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي