اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوڊ وزير رانا تنوير حسين اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلٽيشن ڪائونسل (SIFC) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل اسدالرحمان چيمه سان ملاقات ڪئي. زرعي چيلنجز کي منهن ڏيڻ، معيشت جي واڌاي لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون، ملاقات دوران ٻنهي ڌرين ھارين کي رليف مهيا ڪرڻ ۽ زرعي پيداوار جي مجموعي صلاحيت وڌائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وڌندڙ زرعي خرچن ۽ موسمي تبديلين سبب هارين کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جي حل لاءِ هڪ جامع رليف پيڪيج تي غور ڪيو ويو. ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته هڪ شفاف اگهن جو نظام لاڳو ڪيو ويندو، ته جيئن هارين کي انهن جي پيداوار جو مناسب معاوضو ملي سگهي ۽ انهن کي معاشي استحڪام حاصل ٿي سگهي. ڪپهه تي لاڳو جنرل سيلز ٽيڪس جو مسئلو پڻ غور هيٺ آيو، جنهن ۾ ٽيڪس ۾ گهٽتائي يا مڪمل خاتمي جون تجويزون سامهون آيون. وفاقي بجيٽ ۾ هارين جي نقصانن جي ازالي ۽ مالي مدد لاءِ هڪ خاص ڪسان پيڪيج شامل ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو ويو.