ڪرڪ(م ڊ) تعليم کاتي اسڪول بند ڪرڻ استادن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ڪرڪ ڌرڻي ۾ شريڪ 298 استادن کي معطل ڪري ڇڏيو. ڊي اي او ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ استادن جي معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. وڌيڪ استادن خلاف ڪارروائي ٿيندي. واضح رهي ته ڪرڪ ۾ استادن 4 ڏينهن کان اسڪول بند ڪري پشاور ڌرڻي ۾ ويٺل آهن، سندن چوڻ آهي ته مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو.