پشاور(م ڊ) ڪي پي جي ضلعي ڪرڪ ۽ بنون ۾ پوليو ٽيمن تي حملن ۾ پوليس اهلڪار ۽ پوليو ورڪر مارجي ويا، صوابي ۾ پوليس ڪانسٽيبل کي گوليون هڻي ماريو ويو. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب ڪرڪ ضلعي ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو جنهن سبب هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو ٻيو زخمي ٿي پيو. فائرنگ سبب پوليو ورڪر محفوظ رهيا، پوليس جي وڏي نفري علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو. ٻئي طرف بنون ۾ به هٿياربندن فائرنگ سان پوليو ورڪر کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول ڊيوٽي لاءِ وڃي رهيو ته کيس رستي ۾ ئي ماريو ويو. هوڏانهن صوابي ۾ نامعلوم موٽرسائيڪل هٿياربندن جي فائرنگ سان پوليس ڪانسٽيبل مارجي ويو. فائرنگ جو واقعو فارمولا ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو پوليس جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڏني. صدر ۽ وزيراعظم پوليو ٽيمن تي حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته قوم کي پوليو جي مرض کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سرگرم پوليو ورڪرز تي حملا ڳڻتي جوڳا آهن.
پاڻي نيڪال ڪرايو: نيوسعيدآباد جي 4 ڳوٺن ۾ پوليو مهم بائيڪاٽ
نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد تعلقي جي چئن ڳوٺن اڇي مسجد راهو ڳوٺ، عثمان راهو ڳوٺ، درياخان راهو ۽ ڳوٺ حاجي محمد راهو جي رھواسي ۽ معصومن ٻاڙن وحيد راھو نجم الدين راھو صدام راھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪيو. مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ت اسان جي ڳوٺن جي چئني پاسن کان سم جو پاڻي بيٺل آھي جنھن ڪري معصوم ٻاڙ توڙي وڏا هيپاٽائيٽس ۽ ٻين مختلف بيمارين جو شڪار ٿي ويا آھن جيڪو نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي واٽر ڪورس تي پل نه ھجڻ ڪري روز ٻار ڪري زخمي ٿين ٿا اسان جي ڳوٺن کي ترقياتي اسڪيمن ۾ مڪمل نظر انداز ڪيو ويو آھي اسان پنهنجي حقن جي حاصلات لاء پوليو جو پر امن بائيڪاٽ ٿا ڪريون ان دوران يوسي 8 جي چئيرمن اظهار علي ڪاڪا ساڻن ڳالھيون ڪيون ۽ چيو تهايندڙ بجيٽ ۾ توھان کي ب ڪم ڪرائي ڏيندس پر اوھان جا مطالبا اسان جي بجيٽ کان گھڻا آھن جنھن بعد ڳالھيون ناڪام ٿيڻ تي اھي ۽ پوليو ٽيمون واپس روانيون ٿي ويون ۽ ڳوٺاڻن جو بائيڪاٽ جاري رھيو.
نوابشاهه ۾ شهيد بينظير جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا
نوابشاهه (رپورٽر) پ پ ايم اين اي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر نوابشاھه ۾ پوليو مھم جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي آصفه ڀٽو زرداري ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرن ۾ تحفا ورهايا، هوڏانهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس ٽوئيٽر ذريعي آصفه ڀٽو زرداري پيغام ڏنو ته ڪرڪ ۽ بنون ۾ پوليو ٽيمن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿي.
مڪلي ۾ ڇتن ڪتن پوليو ورڪر کي ڏاڙهي وڌو
ٺٽو (رپورٽر) مڪلي ۾ ڪُتا ڇتا ٿي پيا، عورتپوليو ورڪر کي ڏاڙهي وڌائون، وئڪسين بعد گهر رواني خبر موجب ٿڌ وڌڻ شرط ٺٽي ۽ مڪلي ۾ به رولو ڪتا ڇتا ٿي پيا آهن، جن کي هٿيڪو ڪرڻ لاءِ انتظاميه پاران ڪي به قدم ناهن کنيا ويا، مڪلي جي ڪچي آبادي لڳ مڪلي اسٽيڊيم ڀرسان خانه بدوشن جي گھرن ۾ ڪالهه پوليو مهم جي پهرئين ڏينهن تي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ لاءِ ويندڙ هڪ ليڊي هيلٿ ورڪرز زاهده تي ڇتن ڪتن حملو ڪري کيس ڄنگهه ۾ چڪ هڻي ڏاڙهي سخت زخمي ڪري وڌو آهي، زخمي هيلٿ ورڪرز کي سول اسپتال ٺٽو مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتي کيس ڪتي جي ڏاڙهڻ کان بچاءُ واري اي آر وي ويڪسين ڪرائي گهر روانو ويو ڪيو آهي، ٻئي پاسي ٺٽي ۽ مڪلي جي شهرين پاران پڻ رولو ۽ ڇتن ڪتن جي وڌندڙ آزار تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۽ ٽائون ڪاميٽي مڪلي جي چئيرمينن کان گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي ٺٽو ۽ مڪلي ۾ ڪتا مار مهم شروع ڪري اسڪول ويندڙ ٻارڙن توڙي عورتن ۽ شهرين جي زندگين کي محفوظ بڻايو وڃي .
مسئلا حل ڪريو: کورواهه جي ڳوٺاڻن جو پوليو مهم جو بائيڪاٽ
کورواهه (ن پ ا)کورواهه ڀرسان ڳوٺ صالح محمد درس جي ڳوٺاڻن طرفان ڳوٺ جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ سبب احتجاجن پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن امداد درس، سارنگ درس، يعقوب درس ۽ ٻين دانهيندي چيو ڳوٺ ۾ اسڪول، روڊ ۽ صاف پاڻي جي سهولت ناهي، گذريل پنجاهه سالن کان هر ڀيري چونڊيل نمائندا رڳو آسرا ڏئي ووٽ وٺي ويندا آهن، اسان جي ڳوٺ جا ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن، ڳوٺ ۾ نه رستو آهي، نه پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا آهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ڳوٺ صالح محمد درس جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.