ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڪرڪ انفو به ڪراچي جي رمضان نائيٽ ڪرڪيٽ کان متاثر ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڪرڪيٽ جي ڄاڻ جي انسائڪلوپيڊيا سمجهي ويندڙ مشهور ويب سائيٽ ”ڪرڪ انفو“ به ان سان متاثر ٿي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪراچي جي هڪ ئي روڊ جي مختلف 30 هنڌن تي نوجوان ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهن. ڪرڪ انفو لکيو ته هي ڪراچي ۾ رمضان نائيٽ اسٽريٽ ڪرڪيٽ جو جنون آهي. اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي سڄي دنيا جا واهپيدار مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن. ناليواري گلوڪار ۽ ميزبان فخر عالم وڊيو تي تبصرو ڪندي لکيو ته اها رڳو ڪراچي جي هڪ گهٽي آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي زبردست ٽورنامينٽس ٿي رهيون آهن، اتي شاندار ٽيلينٽ موجود آهي، جيڪو دريافت جو منتظر آهي.