ميلبورن(اسپورٽس نيوز) انگلش وومين ٽيم جي ڪپتان هيٿر نائٽ ڪرڪيٽ ڪميونٽي کي اپيل ڪئي آهي هو افغانستان ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم جي حق ۾ آواز اُٿاريو وڃي، ڇو ته اتي عورتن جي صلاحيتن کي نظرانداز ڪيو ويو. ان کان اڳ چيمپيئنز ٽرافي ۾ افغانستان خلاف ميچ کان اڳ، 150 کان وڌيڪ برطانوي سياستدانن انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ کي اپيل هئي ته هو عورتن جي حقن جي لتاڙ تي طالبان حڪومت خلاف سخت قدم کڻي ۽ افغانستان خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪري. انگلينڊ ۽ افغانستان جو ميچ 26 فيبروري تي لاهور ۾ شيڊيول آهي، پر سياستدانن جو مطالبو هو ته اها ميچ لاهور ۾ نه کيڏي وڃي ۽ طالبان کي سخت پيغام ڏنو وڃي ته انساني حقن جون ڀڃڪڙيون برداشت نه ڪيون وينديون.