ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ رن ريٽ جي ڪهاڻي ڇا آهي؟

0
18
ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ رن ريٽ جي ڪهاڻي ڇا آهي؟

 ٽي-20 ورلڊ ڪپ پنهنجي فيصلائتي مرحلي طرف وڌي پيو. اڄ 27هين جون تي افغانستان ۽ سائوٿ آفريڪا وچ ۾ ويسٽ انڊيز جي برائن لارا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پهرين سيمي فائنل ٿيندي، جيڪا وڪيٽ متوازن آهي ۽ بالرن، خاص ڪري اسپنرن ۽ بيٽسمينن کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪري ٿي. ٻيو سيمي فائنل ميزبان ويسٽ انڊيز جي گيانا گرائونڊ تي ٿيندو. گيانا جي وڪيٽ ماضي ۾ بالرز لاءِ سازگار رهي آهي، اسپنرز کي هن جڳهه تي وڏو فائدو حاصل هوندو آهي، ۽ پيسرن کي راند جي شروعات ۾ ڪجهه مدد ملي ٿي پر پچ جي اسپن دوستانه وڌيڪ آهي. پر مسئلو اهو آهي ته ٻي سيمي فائنل ميچ مينهن سبب متاثر ٿيڻ جو وڏو خطرو آهي. اگر ائين ٿيو ته فيصلو رن ريٽ ذريعي ٿيندو.

                 هتي اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته ڪرڪيٽ ۾ نيٽ رن ڇا آهي ۽ ان جي اهميت ڪيتري آهي؟ اهو سدائين ان وقت خبر پوندي آهي، جڏهن مختلف ٽيمن وچ مقابلا برابر ٿين يا فيصلائتي مرحلن ۾ ميچ جو نتيجو نه نڪري ته نيٽ رن ريٽ کي ڏسبو ته ڪنهن جو بهتر آهي. مطلب ٽيمن جي کٽڻ جي شرح کي نظر ۾ رکندي نيٽ رن ريٽ تيار ٿيندو. ڪنهن ٽورنامينٽ جي شروعاتي مرحلي ۾ کوڙ ساريون ٽيمون ان معاملي تي ڌيان ئي ناهن ڏينديون پر اڳتي هلي جڏهن ڪنهن ميچ جو نتيجو ناهي نڪرندو يا ڪا ميچ برابر ٿي ويندي آهي ته نيٽ رن ريٽ کي ڏسبو آهي، جنهن جي بنياد تي ڪيتريون ڪمزور ٽيمون نيٽ رن ريٽ ۾ اڳتي نڪري وينديون ۽ کوڙ ڀليون ٽيمون ان ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي وينديون آهن.

هن ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ مختلف موقعن تي ڪيترين ئي ٽيمن کي شدت سان احساس ٿيو جيڪر کيڏڻ سان گڏ پنهنجو نيٽ رن ريٽ بهتر ڪجي ها ته صورتحال گهڻي مختلف هجي ها، خاص طور آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ميزبان ويسٽ انڊيز جهڙي ٽيمن کي، جن شڪست سان گڏ نيٽ رن ريٽ ۾ وڏي مار کاڌي. راند کٽڻ ۽ کيڏڻ، اسٽرائيڪ ريٽ ۽ ايوريج توڙي بهتر رن جو سڀ کان وڏو فائدو انگلينڊ جي ٽيم کي سپر ايٽ واري مرحلي ۾ ٿيو، جڏهن کٽڻ جي شرح انگلينڊ کان اسڪاٽ لينڊ جي وڌيڪ بهتر هئي ۽ ان وقت سپر ايٽ ۾ انگلينڊ جي پهچڻ جي اميد لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪي هئي، سواءِ ان جي ته انگلينڊ پنهنجي رهيل آخري ميچ وڏي مارجن تان کٽي رن ريٽ ۾ وڏو جمپ هڻي اسڪاٽ لينڊ کان اڳتي نڪري وڃي ۽ پوءِ دنيا ڏٺو انگلينڊ عمان واري ميچ ۾ نه صرف مخالف ٽيم کي محدود رنسن تي قابو پر مليل ٽارگيٽ گهربل اورن کان به گهٽ بالن تي چيز ڪري نيٽ رن ريٽ ۾ وڏو جمپ هڻي مخالف ٽيمن کان اڳتي اچي سپر ايٽ ۾ پهتي هئي. بلڪل اهڙي طرح جڏهن اڄ سائوٿ آفريڪا ۽ افغانستان وچ ۾ پهرين سيمي فائنل، انڊيا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻيو سيمي فائنل کيڏيو ويندو، جتي پهرين مقابلي ۾ برسات جا امڪان گهٽ آهن. ممڪن آهي ته ميچ ۾ مينهن رڪاوٽ نه بڻجندو پر ٻي سيمي فائنل ميچ ۾ مينهن مزو خراب ڪري سگهي ٿو ۽ ويسٽ انڊيز جي شهر گيانا ۾ ٿيندڙ ان ٻي سيمي فائنل ۾ %90 سيڪڙو مينهن جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب انگلينڊ ۽ انڊيا وچ ٿيندڙ ٻي سيمي فائنل ميچ جي متاثر ٿيڻ جو خطرو موجود آهي.

اهڙي صورتحال ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکندڙ هزارين مداحن جو سوال هوندو ته مينهن پيو ته ڇا ٿيندو؟ جواب آهي ته اگر تيز مينهن پيو ۽ ميچ متاثر ٿي ته هتي به نيٽ رن ريٽ يعني پوري ٽورنامنيٽ ۾ ٻنهي ٽيمن جي کٽڻ جي شرح کي ڏٺو ويندو، جنهن جو رن ريٽ بهتر هوندو، سا ٽيم سڌي طرح فائنل ۾ پهچي ويندي ۽ گهٽ رن ريٽ واري ٽيم ان ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويندي. ان حوالي اگر زوردار مينهن پيو ته انگلينڊ جي ڀيٽ ۾ انڊين ٽيم کي بهتر موقعا حاصل هوندا، ڇاڪاڻ ته سندن نيٽ رن ريٽ انگلينڊ کان انڪري به مٿي آهي ته انڊين ٽيم پوري ٽورنامنيٽ ۾ هڪ به مقابلو ناهي هارايو ۽ انگلينڊ ٽيم سپر ايٽ ۾ سائوٿ آفريڪا کان شڪست کائي چڪي آهي، جنهن ڪري سندن نيٽ رن ريٽ کٽڻ جي شرح انڊيا کان گهٽ آهي. اگر تيز مينهن وسيو ۽ ميچ نه ٿي ته رن ريٽ ۾ انگلينڊ وڏي مار کائي ويندو ۽ انڊيا پهرين سيمي فائنل ۾ ڪامياب ٿيندڙ ٽيم سان فائنل کيڏي سگهي ٿو.