ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪپتان عماد شڪيل بٽ چيو آهي ته حڪومت جيتري ڪرڪيٽ کي اهميت ڏئي ٿي، اوتري ئي هاڪي لاءِ به هئڻ گهرجي، قومي راند هجڻ باوجود هاڪي کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسان کي ڊيلي الائونس به نٿو ملي، ڇا هتي ڪو آهي جيڪو پاڪستان هاڪي ٽيم جي تڪليف سمجهي سگهي؟ هن چيوته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي ته تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي، پر قومي راند هئڻ باوجود هاڪي کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي. عماد شڪيل جو چوڻ هو ته هاڪي پنهنجو اصل مقام حاصل ڪرڻ لاءِ بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي، ڇا اسان جي سياستدانن کي قومي راند جي ڳڻتي آهي؟ جيڪي رانديون اولمپڪ سونهن بڻيو ۽ تمغا کٽي آيون، انهن ۾ اسان جي وزيرن جي ڪيتري دلچسپي آهي؟ هو چيو ته ڪرڪيٽ ليگز لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا، پر هاڪي لاءِ ڪا به مناسب بجيٽ ناهيم اسين رانديگر آهيون، پر اسان جو درد ڪو نٿو سمجهي. عماد بٽ وڌيڪ چيو ته حق نه ملڻ باوجود اسين هر ڀيري ميدان ۾ ٽائيٽل کٽڻ لاءِ لهندا رهيا آهيون، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سڄو ملڪ گڏجي هاڪي لاءِ آواز اٿاري، ٻي صورت ۾ پاڪستان هاڪي ختم ٿي ويندي. واضح رهي ته پاڪستان هاڪي ٽيم هن وقت ملائيشيا جي دوري تي آهي، جتي رانديگرن کي ڊيلي الائونس اڃا تائين ناهي مليو.ذريعن موجب، ملائيشيا ۾ ڏهين ڏينهن به رانديگرن کي ڪا به رقم ادا نه ڪئي وئي آهي.