ممبئي ( اسپورٽس نيوز ) سريلنڪا ۽ ڪرڪيٽ جي دنيا جي عظيم ترين آف اسپنر مرلي ڌرن جي بائيوپِڪ فلم ايٽ هنڊريڊ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.سريلنڪا جي تمل اقليت سان تعلق رکندڙ مرلي ڌرن نوي واري ڏهاڪي ۾ حيران ڪندڙ طور سريلنڪن ٽيم ۾ ان وقت شموليت اختيار ڪئي جڏهن مُلڪ ۾ تامل قوم پرست ۽ سنهالي اڪثريت وچ ۾ گهرو ويڙهه جاري هئي.ان کانپوءِ مرلي ڌرن کي پنهنجي ڪيريئر دوران بالنگ ايڪشن سبب لڳاتار تنقيد جونشانو بڻايو ويو، ان دوران کيس آسٽريليا ۾ سندن بالن کي نو بال قرار ڏنو ويو. مرلي ڌرن پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا پر هن هار نه مڃي ۽ ڪرڪيٽ دنيا جو عظيم بالر بڻجي ڏيکاريو، ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ پڻ وٽس ئي آهي.