پاليڪيلي ( اسپورٽس نيوز ) سورهين ايشياڪپ 2023ع جي اهم ترين ميچ اڄ روايتي حريفن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ سريلنڪا جي شهر پاليڪيلي ۾ اڄ ڇنڇر تي کيڏي ويندي.پرڏيهي ميڊيا موجب، گذريل ٻن ڏينهن کان سريلنڪا ۾ برسات جاري آهي سريلنڪا جي مقامي موسميات کاتي موجب، ڇنڇر جي ڏينهن پاليڪيلي ۾ ستر سيڪڙو برسات جو امڪان آهي. اهڙي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ پرستار مايوس ٿي ويا آهن، ڇو ته سياسي اختلافن سبب پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن جون ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل يا آءِ سي سي جي ايونٽن ۾ ميچون ٿينديون آهن. سريلنڪا ۾ آگسٽ ۽ سيپٽمبر دوران اُس ۽ صاف موسم جو امڪان گهٽ هوندو آهي ۽ ان عرصي دوران تمام گهٽ ميچون ٿينديون آهن. جيڪڏهن پاڪ-ڀارت ٽاڪرو برسات سبب متاثر ٿيو ته ٻئي ٽيمون پوائنٽ شيئر ڪنديون، پاڪستان چئن پوانٽن سان اڳئين مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وٺندو ڇو ته هو پهريان ئي نيپال کي شڪست ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته ڀارت کي ايندڙ مرحلي لاءِ پنهنجي گروپ ۾ موجود نيپال کي هارائڻو پوندو.