بنگلورو (اسپورٽس نيوز) بنگلورو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 25هين ميچ ۾ انگلينڊ سري لنڪا کي کٽڻ لاءِ 157 رنز جو تمام سولو هدف ڏنو هيو، جنهن کي سري نلڪا جي ٽيم 25.4 اوورز ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، انگلش ٽيم پهرين کيڏندي 33.2 اوورز ۾ رڳو 156 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، اوپنر جوني بيرسٽو 30 ۽ ڊيوڊ ملان 28 رنز بڻائي نمايان رهيا، بين اسٽوڪس 72 بالن تي 6 چوڪن جي مدد سان 43 رنز جي مزاحمتي اننگ کيڏي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ معين علي 15، جو روٽ 3، ڪپتان جوز بٽلر 8، ليام ليونگسٽن 1، عادل رشيد 2، ڪرس ووڪس ٻڙي تي آئوٽ ٿيا، سري لنڪا جي لاهيرو ڪمارا 3، اينجليو ميٿيوز ۽ ڪسن راجيٿا 2، 2 جڏهن ته ٿيڪشنا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، انگلش ٽيم جي 157 رنز جي هدف جي جواب ۾ سري لنڪا جي ٽيم جي شروعات پاٿم نسانڪا ۽ ڪوشل پريرا ڪئي، جڏهن ته 9 رنز جي مجموعي اسڪور تي ڪوشل پريرا 4 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، 23 رنز جي مجموعي اسڪور تي ڪپتان ڪوشل مينڊس به 11 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ٽئين وڪيٽ تي پاٿم نسانڪا ۽ سديرا سمراوڪرما وچ ۾ 122 بالن تي 137 رنز جي ناقابل شڪست پارٽنرشپ لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ سري لنڪن ٽيم 26هين اوور ۾ آساني سان هدف حاصل ڪري ورتو، پاٿم نسانڪا 70 ۽ سديرا سمروڪرما 65 رنز سان ناٽ آئوٽ رهيا، انگلينڊ طرفان ٻئي وڪيٽون ڊيوڊ ولي حاصل ڪيون، واضح رهي ته سري لنڪا ڪواليفائر ميچز کيڏڻ بعد ورلڊ ڪپ ۾ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو هيو، جنهن دفاعي چيمپئن کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، ان کان اڳ ساڳي ٽورنامينٽ ۾ افغانستان به انگلينڊ کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ 2023ع جو پهريون اپ سيٽ ڪيو هيو، ان کان اڳ نيدرلينڌز ڏکڻ آفريڪا ۽ افغانستان پاڪستان کي هارائي اپ سيٽ ڪيا هئا، انگلينڊ ٽورنامينٽ دوران پنهنجي پنج ميچز مان هيل تائين رڳو هڪ ميچ بنگلاديش خلاف کٽي سگهيو آهي ۽ چار ميچز ۾ شڪست ٿي آهي، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا به انگلش ٽيم کي شڪست ڏني هئي.