ڏهه سال اڳ ڪرڪيٽ جي دنيا کي ان وقت خوفناڪ صدمو رسيو جڏهن فلپ هيوز 25 سالن جي عمر ۾ هيلمٽ هيٺان مٿي جي پوئين پاسي تي بائونسر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. سڊني ۾ شيلڊ جي راند کيڏندي، فلپ هيوز ان وقت زخمي ٿيو جڏهن هو پنهنجي ئي ٽيم جي تيز بالر سين ايبٽ جي خوفناڪ بائونسر کان پاڻ بچائي نه سگهيو، جنهن سبب دماغي هيمرج ٿي ويو جيڪو سندس موت جو ڪارڻ بڻيو. هن کي ايس سي جي کان اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ سرجري ڪئي وئي پر هوش ۾ نه آيو . سندس آخري رسمون 3 ڊسمبر تي سندس اباڻي شهر ۾ ادا ڪيون ويون، جنهن ۾ آسٽريليا جي وزيراعظم ٽوني ايبٽ سميت هر طبقي جي ڪرڪيٽرن شرڪت ڪئي.پنهنجي ٽيسٽ ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ سينچريون اسڪور ڪندڙ پنهنجي ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان ننڍي عمر جي ڪرڪيٽر فل هيوز 11 جنوري 2013 تي ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون آسٽريلوي بيٽسمين بڻجي ويو جنهن ڊيبيو ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪئي، اهو ڪارنامو هن ميلبورن ۾ سريلنڪا خلاف ميچ ۾ سرانجام ڏنو.
آسٽريلوي ٽيم جي ڊاڪٽر پيٽر برڪنر، نوٽ ڪيو ته صرف 100 اهڙا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان ”صرف هڪ اڳوڻي ڪيس ۾ ڪرڪيٽ بال جي نتيجي ۾ رپورٽ ٿيو آهي، هيوز کي سڊني جي سينٽ ونسنٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن جو آپريشن ٿيو پر هو مسلسل ڪوما ۾ ۽ نازڪ حالت ۾ سخت نگهداشت ۾ هو، ڊاڪٽرن جي مسلسل ڪوششن باوجود کيس هوش نه آيو ۽ 28 نومبر 2014ع تي وفات ڪيائين اڄ سندس وڇوڙي کي ڏهه سال پورا ٿيا آهن.