لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پي ايس ايل فرنچائز لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو آهي ته هر ڏينهن سکڻ لاءِ هوندو آهي، ماضيءَ ۾ نه رهڻ گهرجي، لاهور قلندرز جي نوجوان رانديگر بابت پرجوش آهيان. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهين آفريدي چيو ته ويجهڙائي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مداحن جي اميدن تي پورو نه لهي سگهي، غلطي هر انسان کان ٿي ويندي آهي، پي ايس ايل کي انجواءِ ڪنداسين. شاهين وڌيڪ چيو ته پاڪستان سپر ليگ اسان پنهنجي ليگ آهي، سپورٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، حارث رئوف پي ايس ايل جو پروڊڪٽ آهي.